نئين دهلي-26 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت پنهنجي اولهندي سمنڊ ويجهو واپ??ري سامونڊي جهاز ايم وي ڪي?? پلوٽو تي مبينه ڊرون حملي بعد عربي سمنڊ ۾ 3 جنگي جهاز بيه??ري ڇڏ??ا آهن. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ ڀارتي سامونڊي فوج جي ڌماڪيدار مادي کي ناڪارا بڻائيندڙ ٽيم لائبيريا ۾ رجسٽرڊ ايم وي ڪي?? پلوٽو جي ممبئي بندرگاهه تي آمد وقت ان جو تفصيلي معائنو ڪيو. ڀارت جي سامونڊي فوج عربي سمنڊ ۾ واپ??ري جهازن تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي انهن جي نگرانيءَ لاءِ پي 81 لانگ رينج پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ گائيڊڊ ميزائل دس??رائر آءِ اين ايس مورموگاؤ، آءِ اين ايس ڪوچي ۽ آءِ اين ايس ڪولڪته کي خطي ۾ سامونڊي جهاز تي تيار حالت ۾ رکيو ويو آهي. ايم وي ڪي?? پلوٽو جي عملي جي 21 ميمبرن جو تعلق ڀارت ۽ هڪ جو ويٽنام سان آهي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس