اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ جو 13 سيڪڙو تي اچڻ ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي ۽ ان سان پاڪستاني معيشت تي ??يڙ??ڪارن جو اعتماد وڌندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ??يڙ??ڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گهٽ ناڻي واڌ جي شرح جي ڪري پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون سا??اهه جوڳيون آهن.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی