اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??ي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻ?? ۽ ??رامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جا 77 سال مڪمل ٿيڻ ج?? موقعي تي اسان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي??? خ??ص طور تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ موزون آهي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زور ڀريون ٿا ته هو ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين کي دٻائڻ بند ڪري ته جيئن اهي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??ي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد