اسلام آباد -03 ڊ??مب?? (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزارت چيو آهي، ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان پروگرام تي عملدرآمد ج??ري آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي تر??ي جو بنياد آهي. ناڻي وزارت پاران گذريل ڏينهن ج??ري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل هدفن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، آءِ ايم ايف سان ويجهي رابطي ۽ مشاورت سان 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي تازي اجلاس کي بريفنگ دوران معيشت جي استحڪام جي سلسلي ۾ سڌارن تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي تسلسل جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي و??ري وزير ملڪ جي ديرپا ۽ مستقبل جي معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم اهميت جو به ورجاءُ ڪيو. ناڻي وزارت طرفان پاڪستان جي معاشي مستقبل لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهميت ۽ ان تي عملدرآمد جي ورجاءُ جي قومي پريس ۾ به ڀرپور عڪاسي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد ۾ هٿ ٺوڪين ڏکيائين جي حوالي سان قياس آرائيون انفرادي جدت جي عڪاسي ۽ معتبر ثبوت کان انڪ??ري آهن، حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ ش??افيت سان آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هدفن تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل درآمد هڪ مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي تر??ي جو بنياد آهي.
آءِ ايم ايف سان پروگرام تي عملدرآمد جاري آهي: ناڻي وزارت
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز