راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارا?? جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خو??جه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارا?? جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارا?? جي ڪاروباري شخصيت?? ۽ ??يڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارا?? جي اعليٰ حڪومتي عهديدار?? ۽ ??ماراتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارا?? جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪوم?? جي سفارتي ڪا??يا??ي?? ۽ ??وست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا