اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چنڊ ??ي پا??ست??ن جو پهريون سيٽلائيٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هن??مند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن، ان اهم ڪاميابي سان پا??ست??ن خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پا??ست??ن جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽلائيٽ خلا ۾ پا??ست??ن جو پهريون قدم آهي، ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هن??مند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي پا?? چين دوستي خوشبوئن جي سرحد کان اڳتي نڪري اڄ خلائن جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پا??ست??ن جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قابليت جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ان اهم ڪاميابي سان پا??ست??ن خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پا??ست??ن جي صلاحيتن کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جي فرزندن ثابت ڪيو ته اهي خلائن کي به فتح ڪرڻ جي صلاحيت، جذبو ۽ مهارت رکن ٿا، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع وانگر خلائن ۽ معاشي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن چيو ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پا??ست??ن به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پا??ست??ن جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هن??مندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پوري ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وٺي وڃون ته جيئن پا??ست??ن ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان اڳتي هجي.
ائٽمي ميدان وانگر خلائي ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ