اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پ??ش ڪئي. ٻ??هي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻ??هي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ ب??تر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبارڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي ٽيليفون، صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد، تاجڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena