لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت و??ري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ??يڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏي??ري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ ??ڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ??يڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي لاءِ ??وندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معي??ري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ??گران حڪومت هر ممڪن ??سيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ ??ڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ ??نهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.
ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر