مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي دوري تي مظفرآباد پهچي ويو. نگران وزيراعظم جي مظفرآباد اچڻ تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق هيلي پيڊ تي سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظ?? شهيدن جي يادگار تي ويو جتي هن ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي تح??يڪ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. نگران وزيراعظ?? شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. نگران وزيراعظ?? شهيدن جي يادگار تي ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ اڳواڻن جون تصويرون ڏٺيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم قانونساز اس??مب??ي پهتو جتي کيس آزاد ڪشمير پوليس جي دستي پاران گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم جو اهو دورو ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جي ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران توثيق جي ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي دوري تي مظفرآباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں