اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار قرار ڏيندي چيو آهي ته دوست ملڪن سا?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اربين ڊالر جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، ڪنهن سياسي پارٽي تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، اربين رپين جي بجلي چوري سا?? ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي، آءِ ايم ايف سا?? قسط جو مع??مل?? جلد حل ٿي ويندو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ کي يقينن دهشتگردي ج?? خطرا آهن، حڪومت دهشتگردي جي ان چئلينج کي منهن ڏيندي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن ??سي??ا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، ڪجهه سياسي پارٽين جو ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سا?? موقف صحيح آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو مع??مل?? آيو ته لاڳاپيل ادارن جي راءِ کانپوءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته منظم غيررياستي گروپ سرگرم آهن، پوليس کي تربيت ۽ ??سي??ن جهڙا مسئلا درپيش آهن، پوليس خاص طور تي خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي جي خلاف ڀرپور حصو ورتو آهي. پاڪ فوج جي مدد سا?? ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، چونڊن ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي ڏس ۾ پوليس يا فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، نگران حڪومت اچڻ کان اڳ سمورن سياسي اڳواڻن سا?? ملاقاتون ٿينديون رهيون، پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو پنهنجي هن عهدي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ڪندس. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون موجب گرفتاريون ڪن ٿا ۽ پوءِ قانون موجب ڪارروائي ٿئي ٿي، پي ٽي آئي جا جيڪي ماڻهو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث نه آهن انهن تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن سا?? ناانصافي نه ٿئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت روزاني جا ضروري معاملا اڪلائي رهي آهي، نيڪ نيتي سا?? ڪم ڪريو ته مزاحمت کي منهن نٿو ڏيڻو پوي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ کي ٽيڪس اوڳاڙين سميت گورننس جا چئلينجز درپيش آهن، ماڻهن کي صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن سا?? گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميواري آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن تي غور جاري آهي، بجلي چوري ۾ 900 ارب رپين کان وڌيڪ ضايع ٿين ٿا، ان سا?? ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي ذريعي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪ جي پارليامينٽ جو فيصلو آهي، دوست ملڪن سا?? اربين ڊالر سيڙپڪاري جي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اميد آهي وڌيڪ ملڪن سا?? سيڙپڪاري معاهدا به ٿيندا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري هڪ طريقيڪار تحت آندي وڃي ٿي، ان سيڙپڪاري کي ملڪ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سا?? قسط جو مع??مل?? جلد حل ٿي ويندو، 18 هين ترميم ۾ صوبن کي بااختيار بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ جيڪڏهن سمجهي ٿي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي سا?? سلوڪ افسوسناڪ آهي، ان سا?? اهو سلوڪ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، اميد آهي ته ان مع??مل?? تي جلد مثبت اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي ملڪ واپس موڪلڻ جو مع??مل?? پاڪستان جو اندروني مع??مل?? آهي جنهن جو ٻيا ملڪ به اعتراف ڪن ٿا، پاڪستان 5 ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ اسان جي پاليسي نه آهي، قانوني طريقيڪار تحت سڀ پاڪستان اچي سگهن ٿا.
ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي، دوست ملڪن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اربين ڊالر جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، ڪنهن سياسي پارٽي تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر