اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ڄمون ۽ ڪشم??ر جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻو آهي، ڀارت کي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس ج??لا??ي پرڏيهي آفيس ۾ منعقد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. هن چ??و ته ڀارت کي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت تي هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو ڪو حق حاصل نه آهي ۽ اهو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي آئين جي بالادستي کي تسليم نٿو ڪري. هن چ??و ته ڀارتي آئين جي تابع ڪو به عمل قانوني اهميت نه ٿو رکي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي. هن چ??و ته ڀارت جي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا. هن چ??و ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جي عدالتي توثيق انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي جنهن جو بنياد مسخ ٿيل تاريخي ۽ قانوني دليلن تي ٻڌل آهي. جليل عباس ج??لا??ي چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چ??و ته اهو فيصلو ڪشميري عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رياست جي بحالي، رياستي اسيمبلي جي چونڊن جو انعقاد يا اهڙي طرح جا قدم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿا ٿي سگهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اهو فيصلو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿو سگهي. هن چ??و ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي 1957ع جي قرارداد نمبر 122 جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چ??و ته اهو قدم پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي ڇو ته ان جو حتمي مقصد ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته امن ۽ ڳالهه ٻولهه جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان قدم کي ختم ڪرڻو پوندو. نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس ج??لا??ي چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ