اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اتر و??يرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد ??ذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رزمڪ، اتر و??يرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد ??فظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد ??انس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ شهيد ??انس نائيڪ ساجد حسين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ