اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پنهنجي سرزمين تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪ??ري ??ين??ن ملهايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ??ين??ن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ جي لاءِ ڏني هئي ته ڪشميري پنهنج ملڪ تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي رد ڪن ٿا. اهو 1947ع ۾ اڄ جو ??ين??ن هو جڏهن ڀارتي فوجين ننڍي کنڊ جي ورڇ جي فارمولي کي نظ??انداز ڪندي ۽ ڪشميري عوام جي مرضي جي خلاف ڄمون ۽ ڪشمير تي چڙهائي ڪري ان تي قبضو ڪيو هو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انتظاميا ماڻهن کي ڀارت مخالف مظاهرن کا?? روڪڻ جي لاءِ اڄ سرينگر ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس جا اضافي اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا. انتظاميا سرينگر جي تاريخي جامع مسجد کي اڄ مسلسل ٽئين جمعي تي به بند رکيو ۽ ماڻهن کي مسجد ۾ جمعي نماز ادا ڪرڻ کا?? روڪي ڇڏيو. انتظاميا کي خدشو هو ته جامع مسجد ۾ جمعي نماز جو اجتماع ڀارت ۽ اسرائيل مخالف مظاهري ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق ۽ ناليو??ري عالم آغا سيد محمد هادي کي گهر ۾ نظ??بند ڪيو ويو ۽ انهن کي جمعي جي ميڙن کي خطاب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ڪشمير ميڊيا سروس جي تحقيق و??ري شعبي پاران اڄ ج??ري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوجين 27 آڪٽوبر 1947ع کا?? هيستائين 5 لک ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي جن مان اڍائي لک کا?? وڌيڪ رڳو ڄمون خطي ۾ شهيد ڪيا ويا. قابض ڀارتي فورسز جي ظلمن جي ڪري 35 لک کا?? وڌيڪ ڪشميري آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فوجين جنوري 1989ع کا?? هيستائين 96 هزار 2 سئو 62 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن پنهنجي بيانن ۾ يو ته ڪشمير تڪرار گذريل 7 ڏهاڪن کا?? گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود آهي پر ان جي باوجود عالمي اد??ري جي ان مسئلي جي حل ۾ ناڪامي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ کا??سواءِ ڏکڻ ايشيا م پائيدار امن هرگز ممڪن نه آهي. ٻئي طرف 27 آڪٽوبر تي ڪ??ري ??ين??ن طور ملهائڻ جي لاءِ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا، ريليون ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا. ڪل جماعت حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ ۽ ڪشمير لبريشن سيل اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي ٻاهر ڀارت مخالف مظاهرو ڪيو جڏهن ته پاسبان حريت ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ٻين تنظيمن مظفرآباد ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين علائقن ۾ ريليون ڪڍيون. برطانيا جي قانونسازن ۽ ڪارڪنن برطانوي پارليامينٽ ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪشميرين کي انهن جي خودمختي??ري جو حق ڏئي ڪشمير تڪرار جي حل تي زور ڏنو. تحريڪ ڪشمير برطانيا جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس کي شيڊو منسٽر جيس فلپس، ڪشمير بابت ڪل جماعتي پارلياماني گروپ جي چيئرپرسن ڊيبي ابراهيم، پارليامينٽ ميمبرن اينڊريو يوگيوين، ڪم ليڊبيٽر، ياسمين قريشي، پال بلوم فيلڊ، محمد ياسين، ريچل هاپڪنز، لارڊ واجد خان، سائمن لائٽ ووڊ ۽ ڪشميري ڪارڪنن مزمل ايوب ٺاڪر ۽ شائسته صفي خطاب ڪيو. ڪ??ري ??ين??ن جي مناسبت سان برسلز ۽ پيرس ۾ پڻ ويبنار منعقد ڪيا ويا. خطاب ڪندڙن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي غيرقانوني ڀارتي قبضي کا?? آزاد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. ويبنار جو اهتمام ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فورم فرانس ۽ ڪشمير ڪائونسل يورپ ڪيو هو.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پنهنجي سرزمين تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن ملهايو
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II