ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آه??، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان ??لڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اول??ن ترجيح آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي وزيرن سيد نويد قمر، سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ??يسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولت ۽ انهن جي مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اول??ن ترجيح آه??، ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آه??، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آه??، حڪومت 10 هزار ميگا??اٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آه?? جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آه??. ه?? چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سان ??لڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سان تعاون سان انهن جا مسئلا حل ڪ??. ه?? چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ان ??وقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.
ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável