اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتر??ف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي وارثن کي پارڪ انڪليو اسلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف چيو ته قاضي عبدالرحمان امرتسري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان امرتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. ??زي??اعظم سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ??ڏي. ??زي??اعظم ميڊيا خاص طور تي حامد مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. ??زي??اعظم سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پ?? ساراهيو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس وارثن کي پلاٽ الاٽ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن