اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو اه?? الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ ??ميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪيا جنهن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي و??ي ته فتح جو جشن ۽ هارائي و??ي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو ۽ الزام. عمران خان جو اه?? الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وڏي ڪاميابي آهي جنهن جو عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي ووٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ضرورت نه.
عمران خان جو نگران حڪومت تي شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ڪرائي سگهڻ جو الزام دفن ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات