اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي و??اق?? اردو يونيور??ٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي اندر ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن و??اق?? محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان بيت المال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي و??اق?? اردو يونيور??ٽي پاران شاگرد جي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيور??ٽي کي 15 ڏينهن جي اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پاڪستان بيت المال کي متاثر شاگرد جي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي و??اق?? اردو يونيور??ٽي ۽ پاڪستان بيت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيور??ٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، پاڪستان بيت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيور??ٽي کي ادا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو عمل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيور??ٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ و??اق?? محتسب کي اپيل ڪئي هئي. يونيور??ٽي 122500 رپين جي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. و??اق?? محتسب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.
صدر پاران وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی