اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، غير معمولي برساتون جاني ۽ م??لي نقصانن جو سبب بڻيون، حڪومتي وقت سر قدمن سان جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلڊ رليف سينٽر اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وفاقي وزير ترڪيه وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿيون، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ برساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ٻوڏ واري صورتحال کان ترڪيه وفد کي آگاهه ڪندي احسن اقبال چيو ته هن وقت پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرو??ت متاثرن جي آبادڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان موقعي تي ترڪي طرفان آبادڪاري ۽ غذائي جنسون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.
ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ متاثڙ ٿيا، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت