اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي اڄ سومر تي اجلاس گهرائي ورتو آهي. وزير اعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير اعظم هائوس ۾ اجلاس ۾ اعلي عملدارن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي بابت قدمن جو جائزو وٺندو. اجلاس ۾ وزير اعظم کي ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ۽ پيسن جي ادائيگي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم جي گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ?? اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وزيراعظم آرمي چيف ??ان سنڌ صوبي ۾ امدادي ڪاررواين بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ رابطن روڊن ۽ پلين جي تباهي س??ب هيليڪاپٽر جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم کي اڄ جي اجلاس ۾ هيليڪاپٽر ذريعي امدادي ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو ويندو. ٻوڏ سبب سنڌ صوبي ۽ بلوچستان ۾ زميني رابطو ڪٽجڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار جي فوري روڪ رقم جي فراهمي جي عمل جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم سنڌ صوبي جي ٻوڏ متاثرين ۾ فوري روڪ رقم ورهائڻ جو گذريل ڏينهن حڪم ڏنو هو.
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي اڄ سومر تي اجلاس گهرائي ورتو
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena