اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان ج?? شموليت سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪستان ج?? شموليت ٻ??هرين ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پ??هنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اسان جا شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفيسرن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کان??وا??ِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک