اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن ??ان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيورسٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي و??يڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي جي انتظاميه تي زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني و??ي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پنهنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين ي??نيورسٽي آهي جنهن اپليڪيشن ??و هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن ي??نيورسٽي جي سڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل ک?? خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يونيورسٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي و??ائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.
اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ