اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان روڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته معياري روڊن جي تعمير سان ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي و?? ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي وز??ر مراد سعيد، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر اسد عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وز??ر مراد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ??ه اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪلوميٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪلوميٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، منصوبابندي جي حوالي سان گذريل حڪومت جي دور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪلوميٽر جڏهن ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر ڊگهائي تي مشتمل روڊن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ??ه هلند?? سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي روڊن جي تعمير ڪئي پئي و??ي، وز??راعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ميانوالي کان مظفر ڳڙهه ۽ حيدرآباد کان سکر روڊن تي اڳڀرائي جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم عمران خان چيو ??ه معاشي ترقي ۾ روڊن جو اهم ترين ڪردار آهي، هن چيو ??ه معياري روڊن جي تياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي و?? ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهترين روڊن جي ڪري گاڏين جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي درآمد جي خرچ به گهٽ ٿي ويندا. وز??راعظم چيو ??ه مواصلات جي اهم ۽ وڏن منصوبن تي روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺندس. هن هدايت ڪئي ته منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.
وزيراعظم پاران روڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو