اسل??م آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن سان گلگت ب??تس??ان جي گورنر راجا جلال حس??ن مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت ب??تس??ان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلگت ب??تس??ان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت ب??تس??ان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت ب??تس??ان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت ب??تس??ان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪيو.
چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں