ڀڪي (شيخوپوره) – 19 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد نواز شريف پاڪستان کي اونداهين مان ڪڍڻ، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ عالمي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اونداهين ۾ ڌڪيندڙ ۽ لوڊشيڊنگ جا ذميوار اڄ احتجاج جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن جو پوکيل فصل اڄ اسان لُڻي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه شيخوپوره ويجهو ايل اين جي سان هلندڙ 1180 ميگاواٽ جي ڀڪي پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ پنجاب جي گورنر رفيق رجوان??، وڏي ??زي?? شهباز شريف، پاڻي ۽ بجلي ??اري وفاقي ??زي?? خواجه محمد آصف، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي ??زي?? شاهد خاقان عباسي، چيني سفير سن وي ڊونگ، سفارتڪارن، پارليامينٽ ميمبر ۽ ??عل??ٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ??زي??اعظم ڀڪي پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو. هن پلانٽ جي ڪنٽرول روم جو دورو جتي کيس هن ماحول دوست منصوبي جي سگهه بابت آگاهه ڪيو ويو.
پاڪستان کي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جو عزم ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔