گڏيل قومون-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٻارن کي درپيش هٿياربند تڪرارن، چائلڊ ليبر، انساني اسمگلنگ جهڙن ڪيترن ئي خطرن کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ٻارن کي انهن ڪڌين ڀڃڪڙين کان بچائڻ لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ??رورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن بابت گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي کي ٻڌايو ته عالمي برادري کي نه رڳو اهڙي طرح جي ??شدد جي ??نيادي سببن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي پر اهڙن قانوني ڍانچن کي لاڳو ڪرڻ کي به يقيني بڻائڻ گهرجي ??يڪي ٻارن سان زيادتي يا استحصال جي ??مورن قسمن کي ??وه?? قرار ڏين ٿا. هن ٻارن جي ??قن تي هڪ مباحثي ۾ ڳالهائيندي نشاندهي ڪئي ته پيڪٽ فار دي فيوچر، جنهن جي ??المي اڳواڻ?? گذريل مهيني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ منظوري ڏني، ۾ هن ٻارن کي مختلف خطرن کان بچائڻ لاءِ هڪ اجتماعي وچن ڪيو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٻارن جي ??حفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، آن لائن ۽ آف لائن سرگرمين کي محفوظ بڻائڻ ۽ امن ۽ رواداري جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ??رورت آهي. هن ٻارن جي ??عليم جي ??هميت تي زور ڀريندي چيو ته اهو معاهدو معياري تعليم، خاص طور تي ڊجيٽل ۽ رموٽ لرننگ پليٽ فارمز ۾ هڪجهڙي رسائي جي ??زم تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان اهڙين پاليسين کي ترجيح ڏني آهي جيڪي جامع تعليم خاص ڪري ڇوڪرين ۽ پٺٽي پيل ٻارن تي ڌيان ڏين ٿيون، تنهن هوندي به هن چيو ته قرض ۽ ليڪويڊٽي دٻاءُ سبب هر ٻار کي اسڪول موڪلڻ لاءِ وسيلا ناڪافي آهن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو اسرندڙ ملڪن کي ٻارن جي ??عليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ٻارن جي موجوده نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي قابل بڻائي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ??ثرن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو ٻارن کي آهي، جن ۾ گرمي پد ۾ اضافو، غذائي عدم تحفظ ۽ قدرتي آفتن سبب لڏپلاڻ شامل آهن. پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل آفتن کي لڳاتار منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي وسيع قدمن جي ??مايت ۾ ثابت قدم آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٻارن جي ??قن جي ??فاظت ڪرڻ، کين موقعا فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ ۽ هڪ اهڙي دنيا جي ??عمير ڪرڻ اسان جو گڏيل فرض آهي جتي هر ٻار اميد ۽ وقار سان ترقي ڪري سگهي.
ٻارن کي درپيش هٿياربند تڪرارن، چائلڊ ليبر، انساني اسمگلنگ جهڙن ڪيترن ئي خطرن کان بچائڻ لاءِ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena