گڏيل قومون-29 مارچ (اي پي پي)انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) غزه ۾ خوراڪ پهچائڻ کي نه روڪڻ جي اسرائيلي دعويٰ جي واضح ۽ قانوني طور تي مذمت ڪندي اسرائيل کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي ۽ هڪ مهيني اندر سمورن قدمن جي رپورٽ آءِ سي جي کي پيش ڪري. دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت حڪم ڏکڻ آفريقا طرفان ڪيل تازي درخواست جي جواب ۾ جاري ڪيو، جنهن ڊسمبر ۾ اسرائيل تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳائيندي ڪيس پيش ??يو هو. عدالت جي ججن جي هڪ پينل اهو فيصلو جنوري ۾ هڪ هنگامي قدم کانپوءِ جاري ??يو هو جنهن ۾ اسرائيل کي هنگامي امداد جي فراهمي جو پابند ??يو ويو هو. ججن چيو ته غزه ۾ فلسطينين کي بدترين حالتون درپيش آهن ۽ ڏڪار ۽ بک پکڙجي رهي آهي، ججن چيو ته عدالت مشاهدو ??يو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهري ڏڪار جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. عدالت پنهنجي قانوني طور تي پابند حڪم ?? اسرائيل کي چيو ته هو بنا ڪنهن دير جي گڏيل قومن سان مڪمل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري ۽ موثر قدم کڻي جنهن ?? فوري طور تي گهربل بنيادي خدمتون ?? انساني امداد لاءِ سمورن لاڳاپيل ماڻهن طرفان وڏي پئماني تي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ طبي سامان جي بنا رڪاوٽ فراهمي شامل آهي.
اسرائيل غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي: انصاف جي عالمي عدالت جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ریل رش