واشنگٽن-03 جنوري (اي پي پي) آمريڪي حڪومت جا قرض تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 340 کرب ڊا??رن کان وڌي ويا آهن، جيڪي چين جي ڪل قرض ج?? ٻيڻ کان وڌيڪ آهن. رشيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق قرض آباديءَ تي ورهائڻ جي صورت ۾ هر هڪ آمريڪي شهري هاڻ هڪ لک 2 هزار ڊا??ر يا هر ڪٽنب 2 لک 7 هزار ڊا??رن جو قرضي آهي. آمريڪي حڪومت جو مجموعي قرض اٽڪل چين، جرمني، جاپان، ڀارت ۽ برطانيه جي گڏيل معيشتن جي ڳاڻيٽي جي برابر آهي. آءِ ايم ايف جي اندازي مطابق چين جي حڪومت جي قرضن جو ڳاڻيٽو گذريل سال جي پڄاڻيءَ تي 140 کرب ڊا??ر هو، پر آمريڪي حڪومت جو قرض دنيا جي پنجن وڏن ملڪن چين، جاپان، برطانيه، فرانس ۽ اٽلي جي مجموعي قرض ج?? برابر آهي.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ