واشنگٽن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي، ته ??مريڪا پاڪستان ۾ آزاداڻا چونڊن تي زور ??نو آهي پر هو ڪ??هن به سياسي پارٽي يا هڪ اميدوار جي حمايت نه ٿو ڪري. برطانوي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه پرڏيهي کاتي جي معمول جي نيوز بريفنگ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چئي آهي. اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کان پاڪستان ۾ چونڊن جي نگران اداري اليڪشن ڪميشن جي سربراهه سان هاڻوڪي ملاقات بابت جڏهن سوال پڇيو ويو ته هن صحافي کي ان حوالي سان اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ??ميد آهي ته ??فارتخانو ان جو صحيح جواب ڏيندو، جڏهن ته ميٿيو ملر صحافي کي چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ??وهان ڪيڏا??هن اشارو ڪري رهيا آهيو پر ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪيان ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته ??مريڪا پاڪستان ۾ چونڊن جي نتيجن جي حوالي سان ڪو به موقف اختيار ناهي ڪندو. ميٿيو ملر چيو ته ??سان پاڪستان ۾ ڪ??هن هڪ سياسي پارٽي يا ڪ??هن اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون پر اسان يقينن پاڪستان ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ لاءِ ضرور زور ??ريندا آهي، جيئن اسان سڄي دنيا لاءِ ڪندا آهيون.
پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات