اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳ??ٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ??لڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، اتر اوڀر پنجاب ۾ وچولي کان شديد جڏهن ڏکڻ پنجاب ۽ اپر سنڌ ۾ هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مُوجب 9 جنوري خميس ??ينهن ??لڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. بعد ۾ ٻنپهرن جو ??لڪ جي اڪثر ڏاکڻي/ وچولي علائقن ۾ تيز هوائون هلڻ جي توقع. صبح/ رات جي وقت ۾ اتر اوڀر پنجاب ۾ وچولي کان شديد جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ اپر سنڌ ۾ هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي، صبح جي وقت ۾ ڪشمير، خيبر پختونخواجي مٿانهين وارن، پوٺوهار خطي ۽ پنجاب جي مٿانهين وارن ڪجهه علائقن ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??لڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. اوڀر پنجاب ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 13، استور ۾ ڪاٽو 11، ڪال??م ۾ ڪاٽو 09، گوپس ۾ ڪاٽو 08، قلات، اسڪردو ۾ ڪاٽو 07، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 06، هنزه ۾ ڪاٽو 05، دروشن، چترال، گلگت ۽ پاراچنار ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina