اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحف?? جو بل 2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه رٿ پيش ڪئي ته ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن جي قانون واري وزير مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه شيون پيچيده آه??، ان معاملي کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پارلياماني ڪميٽيءَ کي موڪليو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي ئي بل موڪليو وڃي ۽ قانون وارو وزير به ان تي به پنهنجي راءِ ڏي. قانون واري وزير چيو ته قانونسازي هڪ مستقل ڪم آه?? ۽ اها بهتريءَ لاءِ ٿيندي آه??. کاتن جي ايلوڪيشن رول آف بزنس تحت ڪابينه وقت بوقت تبديل ڪندي رهندي آه??، جنهن کاتي طرفان بل ايوان ۾ ايندو آه?? اهو ان کان ئي لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي موڪليو ويندو آه??. ان موقعي تي سيد نويد قمر گذريل ڏينهن منظور ٿيل هڪ بل جو حوالو ڏنو جنهن جي جواب ?? هن ٻُڌايو ته زميني رستن ذريعي ٿيندڙ واپار جي نگرانيءَ لاءِ ڊراءِ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل هو جنهن ۾ مختلف ادارن ??ي ڪوآرڊينيشن کي اسٽريم لائن ڪيو ويو آه?? ۽ زميني رستن ذريعي واپار کي ريگيولرائيز ڪيو ويو آه??. بعد ۾ سيد خورشيد شاهه بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو.
ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں