اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۾ غيرقانوني ڀرتي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون دوران مرڪزي جوابدار ارشد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ا??نٽي ڪرپشن سرڪ?? جي ڊائريڪٽر شهزاد بخاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل خان نيازي جي نگراني ۾ مختلف ذريعن کان ملندڙ شڪايتن تي اسڪينڊ?? جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي. جاچ ۾ بدعنواني ۽ دوکيبازي جو هڪ پيچيده ڄار بي نقاب ٿيو جنهن ۾ مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري ا?? اسڪينڊ?? جي مرڪزي ڪردار جي طور تي سامهون آيو. سب انسپيڪٽر احتشام گوندل غيرقانوني ڀرتين جي اسڪينڊل ۾ ملوث ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن ۾ تيمور ارشد، فواد احمد خان، سعد يوسف ۽ قيصر جاويد شامل آهن جڏهن ته اسڪينڊ?? جي مرڪزي جوابدار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. گرفتاريون ان وقت عمل ۾ آيون جڏهن خصوصي جج سينٽرل اسلام آباد گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙڻ جي ??اء?? ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار مبينا طور تي وڏي پئماني تي ڀرتي اسڪينڊل ۾ ملوث هئا جنهن ۾ ان??ن فنڊز جو غبن ڪيو ۽ ڀرتي جي عمل ۾ بي ضابطگيون ڪيون. ان اسڪينڊ?? جي ڪري ا?? پي پي سي ۽ قومي خزاني کي وڏو مالي نقصان پهتو ۽ ڀرتي جي عم?? جي شفافيت تي سوال اٿيا. ايف آءِ اي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جن ۾ ارشد مجيد چوڌري شامل آهي ۽ ان اسڪينڊ جي مڪمل حد تائين جاچ جي ??اء?? وڌيڪ جاچ جاري آهي. ادارو غبن ٿيل فنڊز جي وصولي جي ??اء?? قدم کڻي رهيو آهي ۽ جوابدارن کي ا??صاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. ايف آءِ اي ا??نٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد بدعنواني جي خاتمي ۽ سمورن شعبن ۾ شفافيت ۽ احتساب ??ي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. ادارو شهرين کي ا??يل ڪري ٿو ته اهي بدعنواني يا ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي جي اطلاع ڏين ۽ يقين ڏياريون ٿا ته سمورين شڪايتن جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ان تي عمل ڪيو ويندو.
ايف آءِ اي جو اي پي پي سي ۾ غيرقانوني ڀرتي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون، مرڪزي جوابدار ارشد چوڌري سميت 5 جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی