اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظي?? جي حڪومتي س??براهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي و??و آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري و??اقي وزير ??ينيٽر اعظم نذير ??ارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خير ??گالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي و??د به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظي?? جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شروع ٿي و??ا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ??لڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.