اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ??يلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار ک?? هٿي ??يڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بيلاروس جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. بيلاروس جي زراعت بابت نائب وزير شگوئيڪو ۽ صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان ??اري بيان موجب بيلاروس ٽريڪٽر جو گڏيل پلانٽ پاڪستان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ ايف ايم وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ زرعي انجنيئرن جي تربيت ۽ صلاحي?? سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان موجب بيلاروس پاڪستان ۾ زرعي مشينن جي جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار ک?? هٿي ??يڻ جا خواهشمند آهيون. زرعي شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهر??ل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميون کي بيلاروس جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽرنري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بيلاروس جي نائب وزير چيو ته بيلاروس پاڪستان ۾ وٽرنري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿو.
پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa