اسلام آباد-08 ??يپ??مبر (اي پي پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو آهي، جن لکين ماڻهن کي اڄ انقلاب آڻڻو هو خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اسلام آباد سميت پنجاب ۾ ٽريفڪ معمول مطابق رهي، پي ٽي آءِ جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين وڊيوز جو سهارو ورتو آهي، ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون. ڪالهه پي ٽي آءِ جي جلسي جي حوالي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير چيو ته هن پاڻ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دؤرو ڪيو، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب هئي. هن چيو ته جيڪي لکين ماڻهو انقلاب آڻڻ لاءِ آيا هئا خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا. هن چيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب آهي. روزمره زندگي نارمل ??هي، اهي لکين ماڻهو جن کي سمنڊ جي شڪل ۾ نڪرڻو هو اهي ڪٿي به نظر نه آيا. هن چيو ته جلسو ڪرڻ جمهوري حق آهي، انتظاميه پي ٽي آءِ کي جيڪو وقت ڏنو آهي ان مطابق جلسو هئڻ گهرجي. هن چيو ته جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون فوٽيچز جاري ڪري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت، ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ سان ذهني هم آهنگي رکندڙ اهڙيون ڪوڙيون وڊيوز ڦهلائي رهيا آهن. هن چيو ته احتساب جاري رهندو، جيڪڏهن هو اهو ت??ثر قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جلسو ڪري اين آر او ورتو ويندو ته اهو هرگز نه ٿيندو، اوهان کي توشه خانه جو به جواب ڏيڻو پوندو، اوهان کي 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن جو به جواب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي طور تي وڏي ناڪامي آهي، اهو ت??ثر ڏنو پئي ويو ته لکين ماڻهو آڻي رهيا آهن ـ ٻاهر نڪرڻ جو وقت آيو ته مڪمل ??ور ناڪام ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي قياد?? ٻئي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ان ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون.
تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون، عوام پي ٽي آءِ جلسي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين وڊيوز جو سهارو ورتو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی