اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مضبوط دو??تي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق ڪيو آهي. سي پيڪ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين اجلاس کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ا??حا?? ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (آءِ ڊي سي پي سي) جي عالمي سعبي جي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ليو جيان چائو ميڊيا کي ٻڌايو ته اجلاس ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي سياسي اتفاق راءِ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ا??حا?? ڊار جنهن چين جي وزير ليو جيان چائو سان گڏيل طور تي جي سي ايم اجلاس جي صدارت ڪئي، هن چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته اسلام آباد جي سي ايم اجلاس جي ميزباني ڪئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دو??ي جي فوري پوءِ ان جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورين وڏين سياسي پارٽين کي گهرايو ويو هو ۽ سينيئر اڳواڻن جي موجودگي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي لاءِ مضبوط دو??تي جي اهميت تي اتفاق راءِ جو مظهر آهي. هن چيو ته س??اسي پارٽين سياسي پيڪ منصوبن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ان جي اپ گريڊيشن جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي ڪردار جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته آءِ ڊي سي پي سي وڌيڪ بين الپارلياماني ڳالهه ٻولهه جي لاءِ 300 پاڪستاني پارليامينٽرينز کي چين گهرائيندي. ا??حا?? ڊار چيو ته جي سي ايم پاڪ چين لاڳاپن سان گڏوگڏ سي پيڪ ۾ پڻ نئين روح وڌي آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن ۽ عوام جي تصور موجب ٻطرفي دو??تي مضبوط کان مضبوط تر ٿيند?? رهندي. چيني وزير ليو جيان چائو چيو ته چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي اهميت ۽ عوام جي لاءِ ان جي فائدن تي متفق آهن. هن چيو ته عالمي چئلينجز جي پس منظر ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته س??اسي پارٽيون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تعاون جي لاءِ ڪوششون جاري رکنديون. ماڻهن جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي ليو جيان چائو خاص طور تي جعلي خبرن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ چين پاران مضبوط دوستي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina