اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل ??باس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل ??باس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو ??ڏه?? ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل ??يان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ک??نپ??ءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن ک??نپ??ءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائ?? جي لاءِ حملا ڪيا ويا.
ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : números quina hoje