چارسده – 13 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه جي ??ڳوڻي نگران وڏي وزير، اعظم خان جي ??اڏ??ڻي تي تعزيت جي لاءِ چارسده جي ڳوٺ پڙانگ ويو جتي هن مرحوم نگران وڏي وزير جي پٽن بهرام اعظم خان ۽ سڪندر ??عظم خان ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم وڏي وزير جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم انتهائي قابل آفيسر هو ۽ نگران صوبائي حڪومت ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگران وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرم??ئي. خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير ارشد ح??ين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هو.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ