اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اس??ائ??ل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي معصوم فلسطينين تي بمباري فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان غزه ۾ اس??ائ??ل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو جتي معصوم فلسطينين تي زمين تنگ ڪئي پئي وڃي. ترجمان غزه ۾ شهري آبادي جي خلاف اس??ائ??لي عملدارن پاران طاقت جي استعمال جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان کي اس??ائ??لي فوج پاران غيرانساني ناڪابندي ۽ گڏيل سزائن ??ي ڪري غزه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ سنگين انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. هن چ??و ته بجلي، ٻارڻ ۽ پاڻي جي سپلائي ڪاٽڻ جو فيصلو غيرمنصفاڻو آهي ۽ ان کي واپس وٺڻ گهرجي ڇو ته ان سان فلسطينين جي زندگين تي شديد اثر پوندو. ترجمان چ??و ته اس??ائ??ل کي غزه جي ماڻهن جي خلاف بمباري جي پنهنجي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، ناڪابندي ختم ۽ فلسطيني عوام تائين انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستان تازن مهينن ۾ اس??ائ??ل جي اشتعال ا??گيز قدمن جي سنگين نتيجن جي خلاف مسلسل خبردار ڪندو رهيو آهي. ترجمان چ??و ته صورتحال جي سنگيني عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ٿي، اسان گڏيل قومن تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنگبندي ۾ سهولتڪاري جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري. هن چ??و ته عالمي برادري کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ?? متصل رياست سان گڏ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار رياستي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چ??و ته اهڙي حل جي عدم موجودگي ۾ وچ اوڀر ۾ امن اڻلڀ رهندو.
پاڪستان پاران غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado