اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي زلزلي متاثرين جي لاءِ فوري امداد ??واني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏکويل آهي. هن چيو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، فيلڊ اسپتال، 50 خيما ۽ 500 ڪمبل موڪلڻ جي در??واست ڪئي آهي. نگران وزيراعظم جي هدايت تي سموريون در??واست ڪيل شيون اڄ ??مدادي سامان سان گڏ موڪليون پيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ