اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي ??اندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي ل??ءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو پوندو. صدر باب??ءِ قوم قائداعظم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن موجب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صد?? چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم جي دو??انديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ قائداعظم جي ٻڌايل سنهري اصولن ??ي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي ل??ءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪئي.
صدر پاران قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará