اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ??اءِ سمورن ??صي??ارن کي ڀليڪار چوي ٿو، پاڪس??ان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، پاڪس??ان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪس??ان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ جي ??اءِ ڀليڪار چوندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي ??قدس جايون ڪورين سياحن جي ??اءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪس??ان جو ٻيو وڏو واپاري ??صي??ار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جي ??ڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪس??ان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.
پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ۽ آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania