اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان کي محفوظ رکيو، الله تعاليٰ سدائين اوهان کي پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، ??لله جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، وائيس چانسلرز اوهان کي منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته اهو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي، مون کي پنهن??ي ان لفظ تي افسوس آهي. آئو?? استادن جو دل سان احترام ڪريان ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست ٿي رهي آهي، ??سان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي هئي، ??يڪڏه?? استادن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو. قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏ??و آهي، ??ڃان تائين منهنجي آڏو ناهي آيو، اوهان هڪ سينئر سياستدان آهيو، اوهان جو وڏپڻو آهي ته اوهان معذرت ڪئي، ??ستادن جو احترام اسان سڀني جي دلين ۾ آهي، ??ستاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسا?? استادن ??ي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن وائيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته سمورن ميمبرن کي گهرجي ته خطاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.
دفاع واري وفاقي وزير پاران بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی