اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي چيو آهي ته شنگهائي ت??او?? تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي اجلاس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪست??ن جو به مسئلو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي ت??او?? تنظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اس??ن جي ميزبان ڪجهه معاملا اٿاريا، شنگهائي ت??او?? تنظيم جي اجلاس دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي اجلاس ۾ پاڪست??ن جي موقف کي سڀني جي سامهون رکيو. هن چيو ته گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي ت??او?? تنظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻيو آهي. هن چيو ته شنگهائي ت??او?? تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مليو. بلاول ڀٽو زردا??ي چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪست??ن جو به مسئلو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي چيو ته آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ته سعودي عرب ۽ اير??ن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي اجازت ڏي ته جي – 20 اجلاس تي ان ڪئميره بريفنگ بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے