اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور استاد، ڊراما نگار ۽ شاعر ??يض احمد ??يض جي ناٺيءَ شعيب ها??مي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شعيب ها??مي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم پي ٽي وي جي شروعاتي دور جي پروگرامن جو خالق هو. شعيب ها??مي جا پي ٽي وي پروگرام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز ??نڊ??ٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ ??ون??يرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن