اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائي جي مذمت ڪندي عالمي برادري ک??ن مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطينين ??ي خلاف انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ??ي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن موجب پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين ??خمي ٿيا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عالمي قا??ون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين ??ي گهرڀاتين ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. پاڪستان عالمي برادري ک??ن مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي فلسطينين ??ي خلاف انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ??ي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجايون ٿا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ??نهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.
پاڪستان پاران اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری