اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پ?? پي) قومي صحت واري وزارت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته صحت واري وزارت ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ??مورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان جي ٽيم کي ٻوڏ متاثرن جي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ??راج تحسين پيش ڪيان ٿو. عبدالقادر پٽيل چيو ته صحت واري وزارت جي ماتحت ادارن ڊائريڪٽوريت آف هيلٿ اسٽيبلشمينٽ بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان سيوهڻ جي بوڏ متاثر ڳوٺ ٽلٽي ۾ متاثرن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي. سيوهڻ جي سڄي ڳوٺ ۾ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ ??سپري پڻ ڪرايو ويو. هن چيو ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا تقريبن 1500 کان وڌيڪ مريضن جي اسڪريننگ ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável