انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي بئنڪاري، ڪسٽمز، زراعت ۽ لاجسٽڪس سميت م??تل?? شعبن ۾ ٻطرفي واپار بابت مع??ملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ بابت گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي مع??هدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان م??تل?? شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا، ڪاروباري برادري کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل من??وبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ڪاروباري، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ترڪي جي دوري جو مقصد واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي ترڪي جي ڪاروباري برادري سان رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف شين جي واپار جي مع??هدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن سان م??تل?? شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻنهي ??لڪ?? جي معيشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ رابطي جي من??وبن خاص طور تي اسلام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻنهي ??لڪ?? جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ??لڪ?? جي ڪاروباري برادري کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل من??وبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. ملاقات ۾ ترڪي جي واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن لاجسٽڪس، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار بابت مع??ملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي وزيراعظم سان اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور، ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں