انقره – 01 – جون (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شهباز ش??يف سان ترڪ پرڏيهي وزير ميول??د چائوش اولو اڄ اربع ڏينهن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ قيادت شريڪ هئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اربع ڏينهن صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم کي صدارتي محل ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات لاءِ ترڪ روايتن موجب جانثاري دستي جي حصار ۾ ورتو ويندو، وزيراعظم جو گارڊ آف آنر سان شاندار استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪ صدر جي ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندا. وزيراعظم شهباز ش??يف جو ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي، وزيراعظم شهباز ش??يف مصطفيٰ ڪمال اتاتر?? جي مزار تي حاضري به ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات