اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ??گر پ??چر ڪنسلٽ??گ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تيار ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون، يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ ??گر پ??چر ڪنسلٽ??گ جا نمائندا به موجود هئا. ??گر پ??چر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان ??ي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان ??يريل جي شروعاتي سيزن هڪ سال ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سالن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين هڪ سال هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان ??ي سيريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، ??گر پ??چر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تياري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سان گڏ وگڏ سيريل جي تياري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena