اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ??رپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پيل بلن جي جلد منظوري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبل?? عوامي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو ??وڻ هو ته قومي اسيمبل?? عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجو ??ردار ادا ڪندي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ